رات جي راڻي

رات جي راڻي

رات جي راڻي

رات جي راڻي (Lady of the Night): هي هڪ خوشبودار ٻوٽي آهي، جنهن کي لاطينيءَ ۾ Cestrum Nocturnum چوندا آهن. هن جي گلن ۾ رات جي وقت ڏاڍي وڻندڙ خوشبوءِ نڪري ٿي. ڏينهن جو سج جي روشنيءَ ۾ هن ٻوٽي جي خوشبوءِ جا غدود بند هوندا آهن. جيئن رات ٿيندي آهي ته زمين مان چوسيل پاڻيءَ جي داٻ ۾ اُهي غدود کلي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته رات جو هيءَ ٻوٽي پنهنجو پاڻي غبار جي صورت ۾ گهٽ ضايع ڪري ٿي. طبيب هن ٻوٽيءَ جي عرق مان مرگهيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جون دوائون ٺاهيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو